نيويارڪ -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ امدادي قافلن جي داخلا وڏو قدم آهي پر علائقي ۾ ٻارڻ جي کوٽ وڏي ڳڻتي جو سبب آهي، ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي س??هن ٿيون. گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي ترجمان عاليه زڪي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غزه ۾ ٻارڻ جي کوٽ بيحد ڳڻتي جوڳي آهي. ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي س??هن ٿيون. هن انساني بنيادن تي جنگ بندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڀريو جنهن سان امدادي ڪ??رڪ?? پنهنجي ۽ ضرورتمند ٻنهي لاءِ حفاظتي سامان فراهم ڪري سگهندا. فلسطين ??ي اختيارين جي تازن اطلاعن مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ شدت سبب غزه ۾ فوت ٿيلن جو انگ 5087 تائين پهچي ويو آهي. جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 15273 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی