گڏيل قومون -13 نومبر (اي پي پي) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي تعداد 11 هزار کان وڌي وئي ۽ زخمي 27 هزار 490 تائين پهچي چڪا آهن. برطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوبر کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سام??نڊ?? ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي ويب سائيٽ تي جاري رپورٽ مطابق غزه تي تازن اسرائيلي حملن ۾ 41 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ 2 لک 22 هزار کان وڌيڪ کي نقصان پهتو ??هي. هن ٻڌايو ته اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ ٿيل فوتگين جو تعداد 11 هزار کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته زخمين جو تعداد 27 هزار 490 ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ ٿيل فوتگين ۾ 3 هزار 27 عورتون، 4506 ??ار ۽ 678 بزرگ ماڻهو شامل آهن. رپورٽ مطابق 2700 ماڻهن جن ۾ 1500 ٻار شامل آهن هن وقت تائين گم آهن. رپورٽ مطابق مجموعي طور ت?? غ??ه جي گهٽ م گهٽ 45 سيڪڙو رهائشي يونٽن کي مبينه طور تي نقصان پهتو يا اهي تباهه ٿي ويا. اهي انگ اکر غزه جي اختيارين طرفان فراهم ڪيا ويا آهن.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 11 هزار فوتگيون، 41 هزار گهر تباهه ٿي چڪا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : quina acumulada