بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان ??لسعود سان ??ڱاري ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته چين شام ۾ ايران ??ي سفارتخاني تي حملي جي سخ??ي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي ح?? لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. وانگيي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هن وقت اولين تر??يح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ??ي سخ??ي سان ??مل ڪرڻ، فوري ??ور تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي اثرائتي طريقي سان ??حفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ آهي. فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسرائيل مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ڪيو وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن کي بحال ڪيو وڃي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پرامن بقا کي يقيني بڻايو وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں