اوٽاوا – 15 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪينيڊا عليحدگي پسند سک اڳواڻ جي قتل ۾ مل??ث هجڻ جي الزام ۾ ها??ِ ڪمشنر سميت ڀارت ??ي 6 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت وٽ هاڻي واضع شاهديون موجود آهن ته ڀارتي حڪومت جا ايجنٽ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهيا آهن ۽ انهن اهڙين سرگرمين کي جاري رکيو آهي جيڪي عوامي تحفظ ??اء?? اهم خطرو آهن . هن ٻڌايو ته انهن سرگرمين ۾ ڳجهي معلومات گڏ ڪرڻ جي مهارت ?? زور زبردستي جو رويو ، ڏکڻ ايشيائي ڪينڊين شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ قتل سميت درجن کان وڌيڪ ڌمڪي آميز ۽ پرتشدد ڪاروائين ۾ مل??ث هجڻ شامل آهي . جسٽن ٽروڊو چيو ته اهو عمل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي ، ڀارت ڪينيڊا ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ٿي بنيادي غلطي ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں