واشنگٽن-10 جنوري(اي پي پي)دنيا جي امير ترين شخص ايلون ??سڪ جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي الٽرنيٽيو فار جرمني (اي ايف ڊي) لاءِ پنهنجي مڪمل حماي?? جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي سياست ۾ مداخلت ڪندي ايڪس تي لائيو اسٽريم دوران ايلون ??سڪ اي ايف ڊي جي اڳواڻ ايليسا وائڊل جي حمايت ڪئي آهي. ٽيسلا ۽ ??سپ??س ايڪس جي سربراهه ۽ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اتحادي ايليسا وائڊل سان ڳالهين دوران چيو ته صرف اي ايف ڊي جرمني کي بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي اهڙي سياسي پارٽي جي حمايت ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جرمني ۾ حالتون ??ڌيڪ خراب ٿي وينديون. ايلون ??سڪ گذريل سال ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اثر رسوخ ۽ دول?? جو استعمال ڪيو هو ۽ هاڻي 23 فيبروري تي جرمني ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ اي ايف ڊي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. واضع رهي ته هن ايلسيا وائڊل کي مشهور شخصيت قرار ڏيندي جرمن ووٽرز کي تجويز ڏني ته اي ايف ڊي کي ووٽ ڏين. اي ايف ڊي 2013 ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڳوڻي ڪميونسٽ اوڀر جرمني جي مشهور سياسي پارٽي هئي.چونڊن کان اڳ ان پارٽي کي اٽڪل 20 سيڪڙو جي سرسي حاصل آهي جڏهن ته ٻي?? سياسي پارٽين ان کي اتحادي پارٽنر طور رد ڪري ڇڏيو آهي. جرمني جي گهرو انٽيليجنس سروس،اي ايف ڊي کي کاٻي ڌر جي انتها پسند تنظيم سمجهي ٿي.جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ برطانوي ڪيئر اسٽارمر سميت يورپ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي يورپ ۾ ايولون ??سڪ خلاف شديد ڪاوڙ موجود آهي.
ايلون مسڪ پاران جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز