اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري خاص طور تي برطانيه تي ز??ر ڏنو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني جو نوٽيس وٺي، ڀارت تي ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن جي احترام تي ز??ر ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه برطانيه جي پرڏيهي ۽ دولت مشترڪه جي معاملن جي وزير بورس جا??سن سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران چئي، وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته برطانيه پنهنجي نئين قيادت تحت مضبوط ٿي اڀرندو ۽ عالمي معاملن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ