اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف وزيراعظم محمد نواز شريف تي هنيل الزامن جي حوالي سان ع??ال?? ۾ ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي، وزيراعظم ماضي وانگر الزامن مان باعزت بري ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم او??ن??زي?? چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بني ??ال?? ۾ ويهي تمام گهڻيون ڳالهيو ڪري ٿو پر سندس وڪيل ع??ال?? ۾ هنيل الزامن جي حوالي سان ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيا. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف تي ماضي ۾ به ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا آ??ن پر اسان ع??ال?? ۾ ثابت ڪنداسين ته محمد نواز شريف جي پوري فيملي نيڪ نام آهي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا