نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آمريڪا جو دورو تمام گهڻو مثبت رهيو، پاڪس??ان جو موقف وڏي موثر انداز ۾ پيش ڪيو، ڪشمير جي معاملي تي پاڪس??ان جو موقف ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو، آمريڪي صدر سان آجياڻي تي غير رسمي ملاقات ٿي، مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ٿيون، پاڪس??ان ۾ جمهوريت جي مضبوطي کي دنيا تسليم ڪيو آهي، افغانس??ان ۾ جنگ جي ذريعي امن ممڪن نه آهي، افغان عوام کي پاڻ وي??ي ڪري مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف ۽ گ??يل قومن ۾ پاڪس??ان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي به ان موقعي تي موجود هئا
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز