اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ تراويح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته ع??لم سڳورن سان معاهدي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ تراويح جي دوران حفاظتي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، ا??هن احتياطي تدبيرن تي پوري دنيا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چيو ته ا??هن احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي گ??يل ذميداري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی