اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم ??حت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، نوجوانن جي معاملن واري خاص ??عاون محمد عثمان ڊار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گور??ر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري هڪ پڌرائي موجب نوجوانن جي معاملن واري خاص ??عاون پ??ران ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم ??حت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت نوجوانن کي ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن جي لاءِ سئو ارب رپيا رکيا آهن. ان حوالي سان هيستائين 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن جن جي وقت سر ڇنڊڇاڻ ڪري قرضن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي.
وزيراعظم عمران خان سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2