ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ??لم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، ??ڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چ??و ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيسيٰ خيل جي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چ??و ته 24 سال اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙين جي اسڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي هتان جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي ماليت سان جيڪي منص??با شروع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يو??ين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يو??ين ڪائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.
آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج