اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عوام جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت بلتستان جي عوام انهن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻا??ڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻا??ڻ جي لاءِ ??لد قانونسازي ڪنداسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ناموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آهي، وزيراعظم عمران خان ان م??ئلي تي گڏيل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جهڙي طرح مسلمان امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به سياسي پارٽي اهڙي مسئلي تي احتجاج ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، انهن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي طرح عوامي شڪايتن کي ??تم ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تمام ??لد پڌرنامو جاري ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
گلگت بلتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا