ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏ??هي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي سي ايف آر) جي وفد هتي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي سي ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪو??ت سفارتڪاري ۽ پرڏ??هي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏ??هي آفيس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪيا آهن، صدر وفد کي خاطري ڪرائي ته پرڏ??هي وزارت جي ذريعي پرڏ??هي آفيس ۽ پي سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويندو. غير ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پي سي ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پرڏ??هي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي سفيرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهت?? رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي
صدر سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada