اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معاشي ۽ سائنسي ترقي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ فعال قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ترقياتي پاليسين جو فوڪس ترقياتي منصوبن سان ان??اني وسيلن جي فڪري ترقي طرف وڃي رهيو آهي، پاڪستان کي ان??اني وسيلن جي سائنسي ۽ فڪري ترقي جي لاءِ جديد حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز (اين يو سي اي ??يس) بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز ڊاڪٽر ايوب علي صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اين يو سي اي ??يس جو چانسلر وسيم سجاد، سيڪريٽري جنرل فائونڊيشن براءِ ايڊوانسمنٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي غلام شبير، ميمبر بورڊ آف ٽرسٽي ڊاڪٽر يو اي ??ي عيساڻي ۽ بورڊ آف گورنر جو ميمبر ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند، جسٽس (ر) ميانم حمد اجمل، احمد فاروق ۽ قيصر احمد شيخ شرڪت ڪئي، اين يو سي اي ??يس جي ريڪٽر ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارنامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته اين يو سي اي ??يس ملڪ جي ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انڊسٽري کي ان??اني وسيلا فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ هن وقت يونيورسٽي جا پنج ڪيپمس ۾ 13000 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، هن چيو ته سال 2000ع کان وٺي هيستائين 24000 شاگرد ڪمپيوٽرر سائنس، ان??نيئرنگ، مينيجمينٽ ۽ هيومينٽيز جهڙن مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي، ريڪٽر اهو به ٻڌايو ته ادارو ضروتمند ۽ هوشيار شاگردن کي هر سال 240 ملين روپين جي مالي امداد ۽ وظيفا فراهم ڪندو آهي، هن وقت 1500 شاگرد يونيورسٽي جي فراهم ڪيل مالي امداد مان فائدو کڻي رهيا آهن، ان موقعي تي صدر تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ نجي شعبي سان ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ اڪيڊميه ۽ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطا ضروري آهن. هن هائبرڊ ۽ آن لائن تعليم جي فراهيم تي خصوصي ڌيان ??ان گڏ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، صدر يونيورسٽي ان??ظاميه تي زور ڏنو ته چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي شاگردن کي تيار ڪيو وڃي ۽ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.
صدر پاران ملڪي معاشي ۽ سائنسي ترقي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ فعال قدم کڻڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha