اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته نومبر 1947ع تي ڀارت ڪشميرين تي ظلم ??ا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رح??ي سان قتل ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن کي زبردست انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. فرخ ح??يب چيو ته 6 نومبر 1947ع تي ڀارت ڪشميرين تي ظلم ??ا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رح??ي سان قتل ڪيو ويو. فرخ ح??يب چيو ته بدمست هاٿي ڀارت ۽ مهاراجا هري سنگهه مسلمانن جي رت سان هولي کيڏي. هن چيو ته غيرقانوني طو?? تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري جاگرافيائي تبديلي تي عالمي برادري جي خاموشي سواليه نشان آهي. فرخ ح??يب چيو ته وزيراعظم عمران خان عال??ي سطح تي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جو ڪيس انهي جرئت ۽ بهادري سان وڙهندو رهندو.
نومبر 1947ع تي ڀارت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ