اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستاني نوجوانن جي تربيت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ??يا?? موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا نوجوان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عالمي ڪمپنين مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نوجوانن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم ب??جوه، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.
وزيراعظم پاران عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ