اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رحمت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عم??ي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، اٿارٽي جو مقصد نوجوانن کي سيرت جي حوالي ??ان آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن هو ان تي عم?? ڪري سگهن. اٿارٽي سيرت طيبه جي حوالي ??ان معاشري ۾ موجود خال جي نشاندهي ڪري تحقيق سان عم??ي زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل رحمت اللعالمين اٿارٽي جي عالمي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي اٿارٽي جي ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي واري لائحه عم?? جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ قدمن تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي، سيرت طيبه جي رخن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اٿارٽي جي پهرين عالمي تقريب جي حوالي ??ان تجويزون به ڏنيون ويون. وزيراعظم قدمن تي عم??درآمد کي تيز ڪري ان کي مقرر مدي ۾ لاڳو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ڊاڪٽر جوزف لمبارڊ، ڊاڪٽر عثمان بڪر، بئريسٽر ندرت ماجد ۽ ڊاڪٽر باسط ڪوشل وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.
رحمت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال