اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب ملاقات ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا حڪ??مت جي جوڙجڪ ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل ??اءِ خدا کان دعاڳو آهيون. مشاورت ۽ گڏيل تعاون سان پاڪستان جي به??ري جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جو اولين مقصد آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا