لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم شهباز شريف پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخو??ست منظور ڪري ورتي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخو??ست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخو??ست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخو??ست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي ??نهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخو??ست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخو??ست ڏني، 23 مارچ تي وزيراعظم شهباز شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عدالت کي درخو??ست ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخو??ست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخو??ست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخو??ست داخل ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف پاڪستان جو وزيراعظم آهي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي ڇوٽ لاءِ ڏنل درخو??ست رد ڪري. عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيراعظم ??ي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخو??ست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخو??ست منظور ڪري ورتي ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخو??ست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌ??ي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
لاهور جي احتساب عدالت پاران رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil