اسلام آباد – 26 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شها??ت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شها??ت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ميجر خرم شه??اد?? ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپ??هي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپ??هي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، ??هي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون