دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي خوشحالي جا قدم دوحه پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي، اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻايو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي قطر پاران ان ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو. هن چ??و ته عالمي سطح تي خوشحالي جي لاءِ ترقي يافته ملڪ نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي گهٽ ترقي يافته ملڪن سان حصيداري نمايان آهي، جتي عالمي مدد جي وڌيڪ ضرورت آهي، اتي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته اسرندڙ ملڪن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ ايجنڊا 2030ع تي عملدرآمد ۽ پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي. هن چ??و ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي ڪري خطرا درپيش آهن. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن چ??و ته اسرندڙ ملڪن جي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪانفرنس جو انعقاد وقت سر آهي. هن چ??و ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. اسان کي گڏجي اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي وڏي انگ کي غربت ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان سماجي ۽ ??قت??ادي ترقي جي لاءِ ان فورم جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم سميت سڀني اهم فورمز تي اسرندڙ ملڪن جي آواز کي اجاگر ڪندو رهندو. هن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ويڪسين جي فراهمي کي تسلسل سان يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چ??و ته اسرندڙ ملڪن کي تمام وڌيڪ بار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو تمام ڳڻتي جوڳو آهي. هن تجويز ڏني ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻائڻ گه??جي ۽ عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن اسرندڙ ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چ??و ته ٽيڪنالاجي ۽ علم ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن 2031ع کي ساراهيندي چ??و ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن کي لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چ??و ته ان پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن فيفا مقابلا منعقد ڪرڻ کانپوءِ ڪانفرنس جي شاندار انتظامن تي قطر جي امير کي مبارڪباد ڏني.
اسرندڙ ملڪن جي خوشحالي جا قدم دوحه پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج