اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب پي ٽي آءِ جي 18 آگسٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022?? جي عرصي کي ”معاشي بدحالي جو دور“ ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال کي ڪاميابين جو سال قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب پنهنجي ٽوئيٽ جي ذريعي اڳوڻي حڪومت جي ساڍا 3 سال ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي 18 آگسٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022?? جي عرصي ۾ کنڊ اسڪينڊل، اٽو 35 رپين مان 100 رپيا، مهانگي قيمت تي ايل اين جي خريداري، انرجي ٽرمينل جي بندش، بجلي جي منصوبن ??ي ترقياتي ڪم بند، سي پيڪ پراجيڪٽ بند، 6.10 جي ڊي پي کان منفي اعشاريه، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي هيٺئين لڪير تي ڌڪڻ ۽ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو اهو دور بدحالي جو دور هو. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت جي 10 اپريل 2022?? کان شروع ٿيندڙ سفر کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي. ان دوران ??ور??ج ٽرين، يوٽيلٽي اسٽور پئڪيج، روات فلائي اوور، پاور پراجيڪٽس، عوام دوست بجيٽ، پي ايم فلڊ ريليف پروگرام، بي آءِ ايس پي جي بحالي، فاٽا ۾ ڪاميابي، آبادگار پئڪيج، وياج کان پاڪ نظام، سي پيڪ جي بحالي، عالمي برادري کان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 9 ارب ڊالر جي امداد، ڀائر ملڪ ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي، وزيراعظم مفت اٽو، بي آءِ ايس پي بجيٽ ۾ 40 ارب جو اضافو، ليپ ٽاپ اسڪيم جي نئين سر شروعات، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام، پرائيم منسٽر ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ جي شروعات، آبپاره فلائي اوور جي تعمير، توانائي جي 3 منصوبن ??ان 1800 ميگاواٽ اضافي پيداوار، تار ڪول ٿرڪول پاور پلانٽ منصوبو، پرائيم منسٽر بااختيار انٽرن شپ پروگرام، ٽيلي اسڪول ڊيجيٽل تعليم پروگرام، نيشنل ايڪشن پلان جي بحالي ۽ عدالتي سڌارا ڪيا آهن.
مريم اورنگزيب پاران پي ٽي آءِ جو دور معاشي بدحالي جو دور ۽ موجوده حڪومت جو هڪ سال ڪاميابين جو سال قرار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo