اسلام آ??اد – 20 – ??پر??ل (اي پي پي) پاڪستان ۾ چي?? جي سفارتخاني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ملڪن جي نوجوانن جي خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ افهام ۽ تفهيم کي وڌائڻ، ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عملي ۽ دوستاڻي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تائيڪوناٽس آف شنزو 15 جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان مُوجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آ??اد ۾ چي??ي سفارتخاني شنگهائي تعاون تنظيم جي فرينڊشپ ۽ تعاون ڪميشن (جي اين ايف سي سي)، چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي، آل چائنا يوٿ فيڊريشن، چائنا سونگ چنگ لنگ فائونڊيشن ۽ ايس سي او يوٿ ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ جي تقريب جي گڏيل ميزباني ڪئي. تقريب ۾ چي??ي سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين شاهد محمود بيگ، انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ ڊپلوميٽڪ اسٽڊيز جي باني آصف فرحت، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي اسلام آ??اد جي ميمبرن ۽ مختلف اسڪولن جي پاڪستاني شاگردن شرڪت ڪئي. اسلام آ??اد ماڊل ڪاليج فار گرلز جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي عليزه جميل چي??ي خلاباز کان خلا ۾ ساهه کڻڻ جو طريقو پڇيو ته خلاباز ان جو جامع طريقي سان جواب ڏنو. تائيڪوناٽس آف شنزو 15 يونٽ نوجوانن جي افق کي وسيع ڪرڻ ۽ پراسرار ۽ متنوع ڪائنات جي ڳولا بابت انهن جي خوابن کي روشن ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. نوجوان پاڪ چي?? دوستي جا نوجوان سفير ۽ ٻنهي ملڪن جي اميد آهن، اهو رشتو ??سل در??سل منتقل ٿيڻ گهرجي. هلندڙ سال بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پراجيڪٽ ۽ سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ان جو هڪ اهم حصو آهي ۽ يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪندو. چي?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن ۾ پاڪستان دوائن جي ٻجن جو چي??ي خلائي اسٽيشن تان تجربن کانپوءِ واپسي پڻ شامل آهي. چي?? جي ترقي ۽ چي??ي جديديت پاڪستان ۽ دنيا جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪندي.
چين جي سفارتخاني ۾ تائيڪوناٽس آف شنزو 15 جي حوالي سان تقريب منعقد
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے