اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ??ان پاڪستانين جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي وئي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم ??ان نڪري سوڊان جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده ??ان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڦا??ل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦا??ل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل عملدارن کي سوڊان ??ان پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي سوڊان ۾ ڦا??ل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي بابت پرڏيهي وزارت جي عملدارن پاران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏيهي وزير سوڊان ??ان پاڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ۾ سوين پاڪستانين جي انخلا جي معاملي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو زرداري سوڊان ??ان پاڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي ??وا??ي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سوڊان ??ان پاڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي ??وا??ي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.
گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان مان پاڪستانين جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي وئي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد