اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ د??ر آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آهي. هن پ??ڪستان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري ??سٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستا?? کي ملي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيم?? کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري ??ڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حق?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خا?? کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو ويو، ان ڪاري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پ??يڊيٽر جي چار سالا دور ۾ پاڪستان پ??يس فريڊم انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران پ??ڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.
صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪريُون ٿا، ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ