اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ??يڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شيخ احمد دل??وڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ??يڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد دل??وڪ المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي سگهه ??يڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي ??هٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته گڏيل عرب اماراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.
پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ