ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته مثبت قومي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پي آءِ ڊي، پي ٽي وي، ??يڊ??و پا??ست??ن ۽ اي پي پي جي وچ ۾ موثر رابطي ڪاري کي فروغ ڏئي انتظامي معاملن کي آسان ۽ فراهم ڪيل سروسز ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پي ٽي وي، ??يڊ??و پا??ست??ن ۽ اي پي پي ??ي ريجنل سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان مو??عي تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ريجنل هيڊ عبدالمنان خان پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ ??يڊ??و پا??ست??ن جا نوان ڊيجيٽل ٽرانسميٽر هڻڻ جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ??يڊ??و جي ٻڌندڙن کي تصديق ٿيل معلومات تي ٻڌل ??عي??ري نشريات ٻڌڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ قائم سرڪاري ميڊيا ??ي ريجنل آفيس جي مسئلن جو جائزو وٺي انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل انتظامي سربراهن کي ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مقامي سطح تي اسٽيٽ ميڊيا جا مقامي ذميوار گڏيل رابطي ڪاري کي موثر بڻائي دستياب وسيلن تحت لاجسٽڪ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي بلوچستان ??ي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالمنان، پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر، ??يڊ??و پا??ست??ن جي اسٽيشن ڊائريڪٽر انيس الرحمان ۽ اي پي پي جي بيورو چيف نذر محمد بلوچ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي پنهنجي پنهنجي ادارن بابت بريفنگ ڏني.
مثبت قومي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي: اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil