اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايندڙ چونڊ?? جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي م??ام??ي تي جلد فيصلو ڪندي. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو آهي جنهن موجب اليڪشن ڪميشن کي نئين چونڊ?? جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته چونڊ?? جي حوالي سان قياس آرائيون ختم ٿيڻ گهرجن ڇو ته اهي مقرر قانون موجب ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان نگران حڪومت جي مدي کي ڊيگهه ڏيڻ جو ڪو ارادو نه ٿا رکون. هن چيو ته پاڪستا?? جي تاريخ جي شاگرد جي حيثين سان هو مسلم اقليت جي حق?? جي تحفظ ۽ ان کي اڪثريت سان ڏاڍ کان بچائڻ تي قائداعظم جا ٿورا مڃيندو، جيڪڏهن قائداعظم مسلمان?? جي لاءِ جدا ملڪ قائم نه ڪري ها ته مسلمان?? جي مذهبي ۽ ثقافتي تشخص جو تحفظ مشڪل ٿي وڃي ها. هن چيو ته هو قائداعظم جي آئين پسندي، برابري ۽ اقليت?? جي حق?? جي تحفظ جي لاءِ کيس ساراهي ٿو. نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، اسان اهي قدم ان لاءِ کڻي رهيا آهيون ته جيئن نئين حڪومت پنهنجي مينڊيٽ سان عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجو آساني سان جاري رکي سگهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ۾ موجوده عسڪري قيادت شامل آهي، اهڙي طرح ڪائونسل هڪ مضبوط آئيني ۽ قانوني ادارو آهي جيڪا ٺوس قدمن ۽ فيصلن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن چيو ته نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي وچ ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن هئي جيڪا فيصلن تي عملدرآمد مددگار ثابت ٿي. هن چيو ته ايس آئي ايف سي اقتصادي بحالي جي لاءِ زراعت ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري جي وڏن منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اهي ترقي جي مرحلي تي پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جا افغانستان سان گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ ان سان واپار، دهشتگردي، سلامتي ۽ علائقائي رابط?? جي م??ام??ن تي باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ڌريون ان احساس سان ڳالهه ڪري رهيون هيون ته پاڙيسرين کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست دهشتگرد?? جي خلاف پنهنجي مضبوطي جو مظاهرو ڪندي ڇو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن کي تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. 9 مئي جي واقع?? جي حوالي سان هن چيو ته شرپسندن ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جو سهارو ورتو ۽ ان پوري واقعي کي مقامي ۽ عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهاري?? جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو ۽ جڏهن هو پاڪستان ايندو ته ان سان ملڪي قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته ان جو سياسي پارٽي?? جي قيادت سان ملاقاتون شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي. پاڪستا?? جي پرڏيهي پاليسي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستا?? جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي واري براعظم سان پنهنجي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ”لُڪ آفريقا“ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿيل وقت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستا?? جي جسم ۽ روح جو حصو آهي ۽ ڪشميرين پاڻ کي پاڪستان سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ سميت راندين تي سياست ??ه ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت سان ڪرڪيٽ بابت مسئلا رڳو ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن کي اٿارڻ گهرجن، اسان پاڪستان کي راندي?? جي لاءِ محفوظ ملڪ بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪنهن ملڪ کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي مجبور نه ٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چيو ته هن ڪوئيٽا جي دوري دوران يونيورسٽي?? جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ڪئي ۽ هاڻي هو هايئر ايجوڪيشن ڪميش?? جي عملدارن سان ملاقات ڪندو ته جيئن تعليم جي شعبي کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهجي. هن چيو ته حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي م??ام??ي تي جلد فيصلو ڪندي.
ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔