پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخو??هه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي متاثرين ۾ معاوضي جا چيڪ ورهايا. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ضم ٿيل قبائلي ضلعن سميت خيبرپختونخو??هه جي مختلف ضلعن ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن ۾ 20 لک رپيا ۽ هر زخمي ۾ 5 لک رپين جا چيڪ ورهايا. وزيراعظم گورنر هائوس ۾ منعقد هڪ تقريب دوران متاثرين کي معاوضي جا جا چيڪ حوالي ڪيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو خيبرپختونخو??هه جو هي پهريون دورو هو. ان موقعي تي خيبرپختونخو??هه جي گورنر حاجي غلام علي، قومي اسيمبلي ميمبرن خواجه محمد آصف، انجنيئر امير مقام، سردار محمد يوسف، مرتضيٰ جاويد عباسي، عطاءُ الله تارڙ، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار، خيبرپختونخو??هه جي اڳوڻي گورنر انجنيئر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، آءِ جي پي خيبرپختونخو??هه اختر حيات گنڊاپور، صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جا پونئير پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ياد رهي ته خيبرپختونخو??هه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري دوران 27 ٻارن سميت 40 ماڻهو فوت ۽ 62 زخمي ٿيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سمورن تب??هه ٿيل ۽ جزوي طور تي تب??هه ٿيل گهرن جو ڪاٿو 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪن ۽ معاوضي جي ادائيگي جو عمل 11 مارچ 2024ع تائين مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي اهلڪارن جي چرپر جي لاءِ هيلي ڪاپٽر جي سهولت استعمال ڪن ته جيئن خيبرپختونخو??هه جي ڏورانهن ضلعن ۾ تب??هه ٿيل ۽ جزوي طور تي تب??هه ٿيل گهرن جي ڪاٿي کي جلد کان جلد يقيني بڻائي سگهجي ته جيئن معاوضي جي پئڪيج جو عمل مڪمل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ دير ناقابل قبول هوندي ۽ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندڙ اهلڪارن جو احتساب ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف اعلان ڪيو ته خيبرپختونخو??هه ۾ هر تب??هه ٿيل گهر جي نئين سر تعمير/ مرمت جي لاءِ 7 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تب??هه ٿيل گهر جي لاءِ 3 لک رپيا فراهم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته مالي معاوضو انساني زندگي جو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته قرآن پاڪ ۽ سنت نبوي ﷺ به مشڪل حالتن ۾ صبر جي تلقين ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ٻئي ڏينهن به بلوچستان جي برسات کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ متاثرين جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل مهيني رپورٽ ٿيندڙ انساني جانين جي لحاظ کان خيبرپختونخو??هه سڀ کان وڌيڪ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر صوبو آهي جنهن کانپوءِ بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير جو نمبر اچي ٿو ۽ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن جي مدد جي لاءِ وفاقي حڪومت سمورا ضروري وسيلا استعمال ڪندي. وزيراعظم تازي طوفاني برساتن دوران ريليف ۽ ريسڪيو جي ڪوششن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، پوليس ۽ خيبرپختونخو??هه جي ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته اين ڊي ايم اي سميت وفاقي حڪومت جا ادارا خيبرپختونخو??هه جي متاثرين جي هر ممڪن بحالي ۽ مدد ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون هتي خيبرپخوتنخو??هه جي برساتن جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ همدرديءَ جي لاءِ آيو آهيان. هن هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي خطري ۾ ورتل 7 ??لڪن ۾ شامل آهي ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي وڃي نه ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ جي متاثرين ۾ پڻ اربينر پين جو پئڪيج ورهايو ويو. ان دوران سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخو??هه سميت سمورن صوبن ۾ ريليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي ذاتي طور تي نگراني ڪئي. وزيراعظم برسات کان متاثر ماڻهن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ان جا مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ خيبرپختونخو??هه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. بعد ۾ گورنر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ معاشي معاملن سميت مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي متاثرين ۾ معاوضي جا چيڪ ورهايا
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت