اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) انفارميشن سروس گروپ جي تربيت هيٺ نوجوان آفيسرن (پروبيشنرز) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪ??و جتي کين قومي خابرو اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ارشد منير جي قيادت ۾ پروبيشنرز جو دورو 41 هين خصوصي تربيتي پروگرام جو حصو هو، جنهن جو مقصد اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ادارن ۽ لاڳاپيل ادارن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد ع??صم کچي تصديق ٿيل خبرن جي پهچ سان گڏوگڏ قومي مفاد ۾ مثبت بيان??و جوڙڻ ۾ اي پي پي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته اي پي پي هڪ متحرڪ خابرو اداري طور فروغ ماڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ملٽي ميڊيا نيوز، فوٽو ۽ وڊيو سروسز سميت ٽيڪسٽ سروسز تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد دور جي گهرجن موجب ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي سگهه ۽ نمايان اهميت ڏني پئي وڃي.
ان کان اڳ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه اي پي پي جي معاملن بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني جنهن ۾ مختلف زبانن ۾ ن??وز آپريشنز، مقامي سطح تي نمائندن جي نيٽ ورڪ ۽ ٻين ملڪن سان اداري جي خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدن بابت بريفنگ شامل هئي.
پروبيشنرز سينٽرل ن??وز ڊيسڪ، جنرل رپورٽنگ، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ، مانيٽرنگ سيڪشن، اردو ن??وز سروس، سنڌي ن??وز سروس، وڊيو ن??وز سروس، سوشل ميڊيا سيڪشن، ڊيٽا سينٽر ۽ اسٽوڊ??وز جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي ڊائريڪٽر ن??وز اي پي پي شمائله عندليب، ڊائريڪٽر اردو ن??وز سروس عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر وڊيو ن??وز سروس رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ٽريننگ ڪاشف رضوي ۽ ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي عدنان بخاري پنهنجي پنهنجي سيڪشنز جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.