اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. اسان قائداعظم محمد علي جناح جي اقليت?? جي حقن ۽ مذهبي آزادي?? جي تحفظ لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم رهڻ جو عزم ورجايون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ طر??ان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت اقليت?? جي ڏهاڙي 11 آگسٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليت?? جي ڪردار جي مڃتا طور اقليتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي اقليت?? جي حقن ۽ مذهبي آزادي?? جي تحفظ جي لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم رهڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي ملڪي آئين ۾ ضمانت طور ڏنل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. اسان جو مذهب اسلام اقليت?? جي حق?? جي تحفظ کي مڪمل طور تي تسليم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي سرهائي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پڻ اقليتي برادري جي لاءِ سيٽون رکيون ويون آهن. اهڙي ريت غريب ۽ مستحق ماڻه?? جي مالي سهائتا ۽ شادين لاءِ گرانٽس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. صدر وڌيڪ چيو ته اقليتي برادري?? جي شاگردن کي تعليمي وظيفا، عبادتگاه?? جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ فنڊ?? جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان پنهنجي اقليت?? جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي، معاشري جا سمورا طبقا جن ۾ مذهبي اسڪالرز، اقليتي نمائندا ۽ ميڊيا شامل آهن، ماڻهن کي اقليت?? جي حق?? جي باري آگاهي ڏين. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بنائڻ لاءِ بين المذاهبي هم آهنگي، محبت، رواداري، ڀائپي ۽ اتحاد جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان اقليت?? جي حق?? جي تحفظ ۽ کين زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪندو. ??در مملڪت آصف علي زرداري ان يق??ن جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جون اقليتون ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.
هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري جو اقليتن جي ڏهاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر