رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪند??، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ??اڪ??تان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي عرب جي دوري جي دوران وزيراعظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران ??اڪ??تان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر ج?? سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ ??اڪ??تان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر ج?? مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر ج?? اضافي سان مجموعي طور ??ي ??اڪ??تان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب جي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه ??اڪ??تان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ ??اڪ??تانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بونانزا