اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر ??حس?? اقبال چيو آهي ته مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوجوانن کي وڌ کان وڌ تعليم ۽ سکيا جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، اهي موقعا نه رڳو تعليمي ادارن ۾ فراهم ڪيا ويندا بلڪه مختلف فني ۽ ڪاروباري مهارتن وارن پروگرامن ذريعي پڻ فراهم ڪيا ويندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد ڪاليج ۾ ٽن ڏينهن واري پاڪستان لرننگ فيسٽيول جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته اڄ جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دور ۾ صرف ڪتابي تعليم ??افي ناهي، جديد مهارتون حاصل ڪرڻ ضروري آهن.هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارن ۽ خانگي شعبي جي حصيداري سان بهترين موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي. نوجوان انهن موقعن ذريعي پنهنجي صلاحيتن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪري قوم جو مسقبل سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگه?? ٿا. هن چيو ته تعليم واري وزارت کي تجويز ڪريان ٿو ته فيسٽيول کي ريلوي واري وزارت سان سهڪار ڪري هر ضلعي تائين وٺي وڃي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ??حس?? اقبال چيو ته ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ ترقي جا وڏا موقعا هوندا آهن جڏهن ته هو ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس ملڪ آيو ۽ 93ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو، ستن سا??ن ۾ اهي عهدا حاصل ڪيا جيڪي 10 سا??ن جو ٽارگيٽ هئا، هن چيو ته محنت سان پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان انشاءُ الله ايشيا جي بهترين ملڪن ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته 2047ع ۾ خطي جا ٻه ملڪ سئو سا??ا آزادي جو جشن ملهائيندا ۽ ان وقت شايد اسان جو نسل نه هجي جڏهن ته اوهان 30، 35 سا??ن جا جوان هوندا، واعدو ڪريو ته 2047ع ۾ پاڪستان کي صف اول جو ملڪ بڻائيندا. هن چيو ته ترقي لاءِ امن، استحڪام ۽ ڀائيچاري تي عمل ڪرڻو پوندو، جيڪي ٽيمون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون آهن ۽ ڪاميابي ان ٽيم ??ي حاصل ٿيندي آهي جيڪا اتفاق سان اڳيان وڌي. وفاقي وزير تشدد بدران ڳالهين جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي نوجوانن کي گارين ۽ نفرت بدران بهترين تعليم ۽ اخلاق سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوجوانن کي وڌ کان وڌ تعليم ۽ سکيا جا موقعا فراهم ڪيا ويندا: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha