اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ابوظ??بي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپ??گ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ??اء?? مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي ??اء?? پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظ??بي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظ??بي پورٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي ??اء?? پاڪستان ريلويز ۽ ابوظ??بي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظ??بي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي ??اء?? ايف بي آر ۽ ابوظ??بي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظ??بي پورٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپ??گ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي پاڪستان نيشنل شپ??گ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظ??بي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپ??گ ڪارپوريشن خرم مرزا جڏهن ته ابوظ??بي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ?? توسيع جي ??اء?? پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظ??بي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت پاڪستان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظ??بي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ ابوظ??بي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ