اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت ??رڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ل??س خدمت ??رڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت ??رڪز جي قيام لاءِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدم?? کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ت??جي?? آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرج?? کي نظر ۾ رکندي ڪيس ڪيڊ خدمت ??رڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت ??رڪز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهري?? کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گا??ين جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ