اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ ??يو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ترجمان ??يو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان ??يو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿ??ندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪي?? وڃي.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje