اسلام آباد ??? 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پاران پي آءِ اي تان پابندي ه??ائڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته خاموشي سان محنت ڪريو، توهان جي ڪاميابي پاڻ ڳالهائيندي، الحمدالله پاڪستان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي، يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پي آءِ اي تان پابندي ه??ائي ڇڏي آهي جنهن سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس پوري ايوي ايشن/ پي آءِ اي ٽيم کي ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي خصوصي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو عمل 2022ع ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران ان وقت جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ اهم ڪ??ششن سان شروع ڪيو ويو هو، هي قو?? جي لاءِ قابل فخر لمحو آهي.
وزيراعظم پاران يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ خوشخبري قرار
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena