اسلام آباد- 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو ??المي ڏينهن اڱاري 10 ڊسمبر تي ملهايو ويندو. اهو ڏينهن انساني حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ايچ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ويندو آ??ي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پاسي رکندي انهن حقن کي شامل ڪيو ويو آ??ي جن جو هر شخص انسان طور حقدار آهي. هلندڙ سال انساني حقن جي ڏينهن 2024ع جو موضوع ”اسانجا حق، اسانجو مستقبل“ چونڊيو ويو آ??ي. انساني حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو ??علان 10 ڊسمبر 1948ع تي پي??س ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو ??المي طور تي تحفظ ڪيو ويو هو. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ عير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس