راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس (اي اين ??يف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ??ار?? ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ چئن ڪارراوين ??ي نتيجي ۾ 4 جوابدار گرفتار ٿيا، اي اين ??يف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان ??ار?? ڪيل تفصيلن موجب ڪاررواين ??وران 20 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام منشيات ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي و??جهو جوابدارن جي قبضي مان 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي و??جهو جوابدارن وٽان 2 ڪلو چرس ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو. ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻين ڪاررواين ??وران سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور ويجهو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ??يف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد ۾ ڪاررويوان، تعليمي ادارن ۾ منشيات فراهم ڪندڙ جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں