اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مول??نا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو اهم ??ُز آهن، افهام ۽ تفهيم کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين ک??ن انڪار ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مول??نا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم ??هنگي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مول??نا فضل الرحمان کي ڳالهين واري عمل جي اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مول??نا فضل الرحمان جي ڪوششن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی