گڏيل قومون-12 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه جي پٽي ۾ طبي سامان، خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻي امداد پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جي علائقي ۾ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي. ترڪيه جي خابرو اداري موجب هن چيو ته گ??يل قومون غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ پنهنجون ??وششون جاري رکندو. هن تڪرار جي سمورن ڌرين کي چيو ته هو غزه جي پٽي ۾ بي يارو مددگار فلسطينين کي هنگامي امداد فراهم ??رڻ لاءِ گڏيل قومن سان تعاون ??ن. هن عالمي برادري کي ان ڪوشش لاءِ فوري طور تي امداد گڏ ??رڻ جي اپيل پڻ ڪئ??، انتونيوگوتريش چيو ته هو پاڻ ۽ وچ اوڀر امن عمل لاءِ گڏيل قومن جي رابطه ڪار ۽ خطي جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ڇڪتاڻ کي خطي ۾ وڏي پئماني تي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته کيس فلسطينين جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي پنهنجي سلامتي جي حوالي سان خدشن جو احساس آهي تنهن هوندي به ڌريون شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين ۽ رتوڇاڻ، نفرت ۽ ويڇي جو خاتمو ڪن. هن اسرائيل طرفان غزه تي فضائي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 1200 کان وڌيڪ فلسطينين جي موت ۽ 5 هزار کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل تڪراري ڌرين کي اهڙن قدمن کان پاسو ??رڻ جو چيو جتان واپسي نه ٿي سگهي ۽ جن??ن سان انتهاپسند مضبوط ٿين ۽ پائيدار امن کي حاصل ??رڻ جا امڪان ختم ٿيڻ جو خدشو آهي.
غزه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻارڻ، طبي سامان ۽ خوراڪ پهچائڻ لاءِ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال