واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ”ناسا“ اندروني خلا مان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تان هڪ وڊيو ز??ين تي اُماڻڻ جو تجربو ڪيو ??هي. رپورٽ مطابق وڊيو ڪلپ ۾ ٽيبي نسل جي بليءَ کي هڪ صوفي تي ليزر لائيٽ جو پيڇو ڪندي ڏيکاري سگهجي ٿو. رپورٽ مطباق ان هاءِ ڊيفي نيشن وڊيو کي 267 ميگابٽس في سيڪنڊ جي رفتار سان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري ز??ين تي پهچڻ ۾ 101 سيڪنڊ لڳا. اها وڊيو ز??ين کان 31 ملين ڪلوميٽر ڏور موجود هڪ خلائي جهاز مان جديد ترين ليزر مواصلاتي نظام جو استعمال ڪندي اُماڻي وئي. اها وڊيو ڊيپ اسپيس مان نشر ٿيندڙ پهرين وڊيو ??هي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مريخ تي انسان کي اُماڻڻ جهڙي پيچيده مشنز لاءِ گهربل انتهائي تيز رفتار ڪميونيڪيشن ممڪن آهي. جڏهن اها وڊيو ??ُماڻي وئي ته خلائي جهاز ز??ين ۽ چنڊ جي وچ ۾ مفاصلي کان 80 ڀيرا وڌيڪ ڏور هو.
ناسا طرفان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تان هڪ وڊيو زمين تي اُماڻڻ جو تجربو، پهچڻ ۾ 101 سيڪنڊ لڳا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی