گڏيل قومون- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل هوائي اڏي ويجهو ??هشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين کي ڪڏهن به نش??نو نه بڻائڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ بريفنگ ??ور??ن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا. هن گڏيل قومن جي سربراهه پاران چيو ته شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ نش??نو نه بڻائن گهرجي اسان متاثرن جي خاندان ۽ پاڪستان ۽ چين جي عوام ۽ ح??ومت سان تع??يت جواظهار ڪيون ٿا. واضح رهي ته آچر جي رات ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئر پورٽ ويجهو ڌماڪي ۾ 2 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا ۽11 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد