نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريز سان هتي ٿيندڙ ملاق??ت ۾ سندس آڏو ڪشمير مسئلو کنيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت سندس حوالي ڪيا. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير تي خاص نمائندو مقرر ڪري. هن چيو ته اهو لازمي آهي ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي ڳالهين جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران فائربندي جي خلاف ورز??ن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته رڳو هلندڙ سال دوران 600 جي لڳ ڀڳ خلاف ورزيون ڪيون ??يو??. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته رڳو اڄ جي ڏينهن ڀارتي فورسز جي فائرنگ سان ايل او سي تي چار شهري شهيد ٿيا
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس