اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) ڇهه ملڪي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران جي مشاورتي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر علي لاريجاني پارلياماني وفد ??ان گڏ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خطي کي در??يش مسئلن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊاڪٽر علي لاريجاني جا اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ٻئي قومون گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي اڻٽٽ رشتن ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ٻنهي جي منزل، دوست ۽ دشمن به هڪ آهي.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا