اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان عراق ۽ هالينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻ??هي ملڪن سان واپار، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه عراق جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊاڪٽر علي الرحمان ۽ هالينڊ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير شجاعت علي راٺوڙ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. صدر چيو ته عراق سان فضائي رابطن ج?? بحالي پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي جنهن سان ٻ??هي ملڪن جي عوام ک?? فائدو ٿيندو، ٻ??هي ملڪن جي عوام هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندي ۽ کين هڪٻئي کي وڌيڪ سمجهڻ جو موقعو ملندو.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔