اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد چيو آهي ته سڄ?? دنيا ۾ چونڊ نتيجا اچڻ ۾ وقت لڳندو آهي، اسان 24 ڪلاڪن ۾ 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ نتيجا ڏئي ڇڏيا آهن جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آ??ي، هيستائين جي انگن اکرن موجب ٽرن آئوٽ 55 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهيو، ڌانڌلي جي ڪا سنجيده شڪايت سامهون ناهي آئي نه ئي بوگس ووٽ ۽ دٻا ڀرڻ جي شڪايت ملي آ??ي، آر ٽي ايس اهڙي طرح ڪم نه ڪيو جهڙي طرح سوچيو هو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊون مجموعي طور تي پرامن ماحول ۾ ٿيون ۽ ان جا ڪيترائي نتيجا سامهون اچي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي پڻ نتيجا ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته سڄ?? دنيا ۾ اليڪشن رزلٽ جي اعلان ??يڻ ۾ وقت لڳندو آهي
مضمون کا ماخذ : کڑک