اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ منافع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي ڀرپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوڪا ڪ??لا لائيسڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۾ ترڪي جي سفير اح??ان مصطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخد??م خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪوڪا ڪ??لا آئسيڪ ??اڪ??تان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪوڪا ڪ??لا ??اڪ??تان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪوڪا ڪ??لا ڪ??پني پاران ??اڪ??تان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان منصوبابندي تي آگاهه ڪيو، وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي منصوبي جي حوالي کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان منصوبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويندو. ان نئين پلانٽ جي ڪري مقامي آبادي لاءِ ملازمت جا سڌو سنوان ۽ اڻ سڌا موقعا، ذيلي صنعتن جي لاءِ منافعي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ حڪومت ??اڪ??تان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.
حڪومتي پاليسين سان سيڙپڪار ڪمپنين جو اعتماد بحال ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری