اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته رياضي منطق جو بنياد آهي، استاد ۽ والدين سائنس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ ٻارن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪن، پاڪستان ۾ سائنس ۽ رياضي تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ضروري آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ۾ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي بابت تعليمي منصوبي (سٽيم) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??رو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت و??رو وفاقي وزير شفقت محمود، خيبرپختونخوا جو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر شاهد بيگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذير ۽ ٻيون شخصيتون به شريڪ هيون. صدر چيو ته س??يم ايجوڪيشن هڪ وقت سر قدم آهي جنهن سان سماج کي منظم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، مختلف ملڪن جي تعليمي ميدان ۾ ترقي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته چين جي ترقي جو هڪ ??بب سائنس جا وڌ کان وڌ گريجوئيٽ آهن، جتي گريجوئيٽس جو تعداد 8 ڪروڙ جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي گريجوئيٽس جو تعداد 47 لک آهي، هن چيو ته ترقي لاءِ ضروري آهي ته س??يم تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم جي شعبي خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته جيڪڏهن اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جي شعبن ۾ ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين.
هن اس??يم پراجيڪٽ جاري ڪرڻ تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته وفاقي وزير شبلي فراز، ۽ وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي معياري تعليم سان گڏوگڏ استادن جي تربيت جو بندوبست به ڪرڻو پوندو، صدر چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي نتيجي ۾ ٻيون قومون اڳتي نڪري ويون آهن، عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته شاگرد کي سدائين هڪ استاد حوصلا افزائي ڪندو آهي، س??يم منصوبي ۾ شامل مضمون منهنجي پسند جا آهن، جيتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر بڻجي ويو آهيان پر آئون رياضي جو هڪ انتهائي لائق شاگرد هئس. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ان پروگرام تحت 50 سرڪاري هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ميٽرڪ ۽ ايف ايس سي جي شا??رد?? لاءِ س??يم جي ميدان ۾ ٽريننگ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، س??يم ڪلاسز ۾ شا??رد?? جي چ??نڊ انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي ويندي، پروگرام تحت س??يم تعليم ڏيڻ لاءِ شا??رد?? لاءِ ٽريننگ ماڊيولز تيار ڪيا ويندا،منصبوبي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري پاڪستان ۾ عمل ڪيو ويندو. تقريب ۾ چونڊ تعليمي ادارن ۽ ڪيڊٽ ڪاليجز جا سربراهه به شريڪ هيا.