اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??عودي عرب ويندو. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان پنهنجي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۽ وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربر??هه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ??عودي عرب جو ٽن ڏينهن جي دوري تي ??وانو ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جي دعوت تي ??عودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو. وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربر??هه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جتي هو ماحولياتي ??بديلين جي ڪري اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي به اجاگر ڪندو. اهو سربر??هه اجلاس ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي، وچ اوڀر خطي جي حوالي سان ان قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي، اهو گرين سعودي عرب ۽ گرين وچ اوڀر قدم آهن جيڪي ولد عهد مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو جنهن جو مقصد قدرت ۽ زمين جو تحفظ آهي.
وزيراعظم عمران خان انهن ٻنهي قدمن جي آجيان ڪئي هئ?? ۽ پاڪستان جي سرسبز ۽ صاف پاڪستان ۽ وزيراعظم جي 10 ارب ٽري سونامي جي تجربن کان آگ??هه ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئ??، وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفيون ڳالهيون ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري، پاڪستاني پورهيتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي ??ڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن جي باري ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??ه خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ مشهور سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو،
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدا، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ سطحي رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.